شاعر ٻيجل جون آکاڻيون


(دي ٽيلز آف بيڊل دي بارڊ: جيڪي ھرمائني گرنجر جي جادو واري اکرن مان جي ڪي رولنگ ترجمو ڪيون)

                                                           The Tales of Beedle the Bard      
سنڌي ترجمو: ڪليم ٻُٽ

تعارف:

شاعر ٻيجل جون آکاڻيون، نوجوان جادوگرن ۽ جادوگرياڻين لاءِ اھي ڪھاڻيون آھن جيڪي ڪيترين ئي صدين کان پسند ٿينديون پيون اچن. انھن ۾ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي ۽ خزاني وارو ڦوھارو کي عام ماڻھن جي ٻارن (مگلس) جي آکاڻين سنڊريلا ۽ سليپنگ بيوٽي جھڙي اھميت مليل آھي. 

ٻيجل جي آکاڻين ۽ اسان جي آکاڻين ۾ ڪيتريون ئي ھڪجھڙيون آھن، مثال طور: چڱائي سدائين کٽيندي آھي ۽ برائي يا بڇڙائي سدائين ھارائيندي آھي. پر ھنن آکاڻين ۾ ھڪ چٽو فرق آھي، عام ماڻھن وارين (مگلس) آکاڻين ۾ جادو ھيرو يا ھيروئين جي مسئلي جي پاڙ ھوندو آھي، جيئن ڪنھن منحوس پوڙھي ڏائڻ جو زھر سان ڀريل صوف ڏيڻ يا شھزاديءَ کي منتر وسيلي سوين سالن جي ننڊ سمھارڻ، يا شھزادي کي جادو جي مدد سان ڪنھن جانور جو روپ ڏئي ڇڏڻ. پر ٻئي پاسي  ”شاعر ٻيجل جون آکاڻيون“ ۾ اسان کي اھڙا ھيرو يا ھيروئين ملندا جيڪي پاڻ جادو ڪري سگھندا ھجن، پر ان ھوندي بھ ھنن کي سندن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اھي ئي ڏکايون ٿينديون آھن جيڪي اسان کي ٿينديون آھن.

”شاعر ٻيجل جون آکاڻيون“ ڪيترن ئي نسلن جي مائرن ۽ پيئرن کي ٻارن کي اھا ڏکائيندڙ سچائي سمجھائڻ ۾  سولائي پيدا ڪنديون رھنديون آھن تھ:

”جتي جادو اسان جون ڏکايون ڏور ڪندو آھي، اُتي اسان لاءِ ڏکايون پيدا بھ ڪندو آھي.“

”ٻيجل جي آکاڻين“ ۽ عام ماڻھن وارين (مگلس) آکاڻين ۾ ٻيو چٽو فرق اھو آھي تھ ھنن آکاڻين جون جادوگرياڻيون انساني آکاڻين جي ھيروئين جي ڀيٽ ۾ پاڻ ئي پنھنجي قسمت ڳولھڻ نڪري پونديون آھن. آشا، الٿيڊا، اماتا ۽ بيبٽي ريبٽي اھڙيون جادوگرياڻيون آھن، جيڪي سالن تائين سمھي ڪنھن  شھزادي جي اچي جوتو ڳولھي ڏيڻ  بدران  پنھنجي قسمت پنھنجن ئي ھٿن ۾ کڻن ٿيون. سواءِ ھڪڙي آکاڻي ”مھا جادوگر جي وارن واري دل “ جي جنھن ۾ بنا نالي واري ڇوڪري عام ماڻھن وارين ڪھاڻي جي شھزاديءَ جيان عمل ڪري ٿي، پر ھن آکاڻي جي پڄاڻي ھميشھ واري خوشگوار زندگيءَ تي نٿي ٿئي. 

  شاعر ٻيجل پنڌرھين صديءَ جو شاعر ھو، پر سندس زندگيءَ جو وڏو حصو پرسراريت جي ڪفن ۾ دفن ٿيل آھي. اسان کي اھا خبر آھي تھ ھو يارڪشر ۾ پيدا ٿيو ھو ۽ سندس ھيڪلي بچيل ڪاٺي جي پتلي مان ڄاڻ ملي ٿي تھ ھن کي وڏي ڏاڙھي ھئي. جيڪڏھن سندس آکاڻيون صحيح معنيٰ ۾ سندس سوچ جي عڪاسي ڪن ٿيون تھ پوءِ کيس عام ماڻھن (مگلس) سان پيار ھو ۽ سندس نظر ۾ اھي بدنيت بدران اڻڄاڻ آھن. کيس ڪاري جادو ۾ ويساھ نھ ھو ۽ سندس مڃڻ ھو تھ جادوگرن ۾ جنونيت، نفرت ۽ اڻڄاڻائي جھڙا جذبا سندن صلاحيتن کي غلط نموني استعمال ڪرڻ سبب پيدا ٿيندا آھن.

سندس آکاڻين جا ڪردار جيڪي سرخرو ٿيندا آھن، اھي نھ ھوندا آھن جن وٽ تمام گھڻي جادو واري طاقت ھجي، پر اھي جيڪي رحم دل، عقل فھم وارا ۽ ھوشيار ھوندا آھن.

اھڙا ئي ساڳيا خيال رکندڙ اڄوڪي دور جو ھڪ اھم جادوگر پروفيسر ايلبس پرسيول ولفرڪ برين ڊمبلڊور آھي، جيڪو آڊر آف مرلين (فرسٽ ڪلاس) ھاگورٽس اسڪول آف وچ ڪارفٽ اينڊ وزرڊري جو ھيڊ ماستر، جادوگرن جي بين الاقوامي ڪنفيڊريشن جو سربراھ ۽ وزنگاموٽ جو وڏي ۾ وڏو جادوگر آھي. انھيءَ جي ڪري ئي شايد ھاگورٽس جي آرڪائويز مان ڊمبلڊور جي وصحيت سان گڏ ھنن آکاڻين تي سندس تبصرا پڻ مليا آھن، اھو ثابت نھ ٿي سگھيو آھي تھ اھي تبصرا ھن جي پنھنجي اطمينان لاءِ ھئا يا ھنن آکاڻين جي ڪتاب جي ايندڙ شماري لاءِ، ۽ ان جي اسان کي ھاڻي ڪڏھن بھ خبر نھ پئجي سگھندي.

پر ان ھوندي اسان کي ھاگورٽس جي ھاڻوڪي ھيڊ ماسترياڻي پروفيسر مائنريوا ميگونل ھن شماري جنھن ۾ ھرمائني گرنجر  نئين انداز ۾آکاڻين کي ترجمو ڪيو آھي، ۾  پروفيسر ڊمبلڊور جي تبصرن کي ڇاپڻ جي خاص اجازت ڏني آھي.
اسان کي اميد آھي تھ پروفيسر ڊمبلڊور جا تبصرا، جن ۾ سندس جادو جي تاريخ بابت مشاھدو، ذاتي تجربا ۽ آکاڻين تي سندس ڄاڻ ڀريا رايا، ٻنھي جادوگرن ۽ عام ماڻھن (مگلس) پڙھندڙن جي ايندڙ نسلن کي ”شاعر ٻيجل جون آکاڻيون“ پڙھن لاءِ اتساھ ڏيندا. اھي سڀ جيڪي پروفيسر ڊمبلڊور کي سڃاڻيندا ھئا، انھن جو مڃڻ آھي تھ ھن ڪتاب جي اجرت وارا پيسا امداد طور چلڊرنس ھاءِ ليول گروپ نالي ڀلائي واري اداري، جيڪو ٻارن جي ڀلائي لاءِ ھڪ سگھارو آواز آھي، کي ڏيڻ تي پرفيسر ڊمبلڊور کي خوشي ٿئي ھا.

ھتي پروفيسر ڊمبلڊور جي تصبرن تي ھڪ ننڍڙي راءِ ڏيڻ ضروري سمجھجي ٿي، جيستائين اسان جي ڄاڻ آھي ھي تبصرا، ھاگورٽس جي فلڪيات واري برج تي پيش ايندڙ ڏکائيندڙ واقعن کان رڳو 18 مھينا اڳ پورا ڪيا ويا ھئا. اھي جيڪي جادو واري دنيا جي ويجھڙ ۾ ٿيل جنگ جي تاريخ کان واقف آھن (مثال طور جن ھيري پوٽر جي زندگيءَ بابت سمورا ست ڪتاب پڙھيا آھن) سمجھي ويندا تھ ھن ڪتاب جي آخري آکاڻي بابت پروفيسر ڊمبلڊور سندس ڄاڻ کان گھٽ شيون ظاھر ڪيون آھن، شايد انھيءَ جو ڪارڻ اھو ئي جملو آھي، جيڪو ھن ڪئي سال اڳ سندس سڀ کان پياري شاگرد کي چيو ھو:

”اھا خوبصورت ۽ خطرناڪ شيءَ آھي، ان ڪري ان کي وڏي احتحاط سان استعمال ڪجي.“  

   اسين ڀلي ھن سان اتفاق ڪريون يا نھ، پر اسين پروفيسر ڊمبلڊور جي اھا ڳالھ معاف ڪريون ٿا تھ ھن ايندڙ پڙھندڙن کي انھن غلط خواھشن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جن جو شڪار ھو پاڻ ٿيو ۽ جنھن جي کيس ايڏي قيمت ڏيڻي پئي. 
                                                                                           
                                                                جي ڪي رولنگ
                                                                         2008
حاشن تي راءِ:  

تبصرن مان لڳي ٿو تھ پروفيسر ڊمبلڊور رڳو جادوگر پڙھندڙن کي سامھون رکي لکيا آھن، عام ماڻھن (مگلس) کي شيون سمجھائڻ لاءِ مون تبصرن ۾  ڪٿي ڪٿي پنھنجا حاشا بھ ڏنا آھن.

                                                                             جي ڪي آر

                     
                            

1_ جادوگر ۽ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي 

ڪنھن زماني ۾ ھڪ رحم دل پوڙھو جادوگر ھو، جيڪو سندس جادو  پاڙي وارن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندو ھو. ماڻھن تي پنھنجي اصل طاقت ظاھر ڪرڻ بدران ھنن تي اھو ظاھر ڪندو ھو تھ اھي ڦڪيون، شربت ۽ دوائون کيس سندس پوراڻي اُکليءَ مان ملن ٿيون، جنھن کي ھو قسمت واري  ديڳڙي سڏيندو آھي. ھن وٽ ماڻھو ميلن جو سفر ڪري ايندا ھئا ۽ ھن سان پنھنجا ڏک سور ڪندا ھئا. ھي ڀلو جادوگر وري ان ديڳڙيءَ تي نظر وجھي ھنن جا مسئلا  حل  ڪري خوش ٿيندو ھو.

  ھي ڀلو جادوگر پڪي عمر تائين جيئرو رھيو، پوءِ مري ويو ۽ سندس سمورو سامان سندس ھيڪلي پٽ کي مليو. پٽ وري پيءَ جي سٻاجھڙي طبعيت جي بلڪل ابتڙ ھو. اھي جن کي جادو نٿي آيو، اھي ھن جي نظر ۾ حقير ھئا ۽ ڪيترا ئي ڀيرا ھن جي پيءَ سان پاڙي وارن جي مدد ڪرڻ واري عادت تان ڏند ڇڪ بھ ٿي ھئي.

پيءَ جي مرڻ کانپوءِ ھن کي ان ديڳڙي ۾ ھڪ ننڍڙو پيڪٽ مليو جنھن تي سندس نالو لکيل ھو،  اھو سوچي تھ ان ۾ سون ھوندو، ھن ان کي کوليو، پر ان ۾ کيس جوتيءَ جو ھڪ پادر مليو جيڪا ھن جي ماپ کان بھ ننڍڙو ھو، ان ۾ ھڪ پرچي ھئي جنھن تي لکيل ھو:

”منھنجا پٽ مون کي اميد آھي تھ توکي ڪڏھن بھ ھن جي ضرورت نھ پوندي.“

پٽ وڏي عمر ڪارڻ پيءَ جي ڪمزور ٿي ويل ذھن تي لعنتاڻو ڪيو ۽ پادر وري ديڳڙيءَ ڏانھن اڇلائي ڇڏيو. ان ساڳي رات ھڪ پوڙھي ھاري عورت سندس در کڙڪايو.

”منھنجي پوٽي جيتڙن جي ڪري بيمار ٿي پئي آھي، اوھان جو پيءَ ان پوراڻي ديڳڙي ۾ ھڪ خاص شربت ٺاھي ھن لاءِ ڏيندو ھو.“ ھن کيس ٻڌايو.

”ھل ھتان ٽر، تنھنجي ڇوريءَ جي جيتن جي مون کي ڪا پرواھ نھ آھي.“ پٽ ڪاوڙ ۾ کيس دڙڪو ڏنو ۽ در بند ڪري ڇڏيو.
ٻئي پل رڌڻي مان ڪنھن شيءَ جي ڪرڻ جو آواز آيو، جادوگر سندس جادو واري ڏنڊيءَ (وانڊ) سان روشني ڪري در کوليو، کيس اھو ڏسي حيرت ٿي تھ سندس پيءَ جي پوراڻي ديڳڙيءَ کي ھيٺان  ٽامي جو ھڪ پير نڪري آيو آھي ۽ اھا وچ فرش تي ٽپا پئي ڏئي ۽ انھن ٽپن مان ھڪ ڀوائتو آواز پئي ٿيو، جادوگر حيرانيءَ مان اڳيان وڌيو، ٻئي پل اھو ڏسي تھ ديڳڙي جيتن سان ڀريل آھي پٺيان وڃي ڪريو.

”ھي حقارت واري شيءَ آھي.“ پھريان تھ ھن ديڳڙي کي غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ جادو سان ان کي صاف ڪرڻ جي ڪيائين، نيٺ ان کي گھران ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر سندس سمورا جادو ٽوڻا نڪام ويا ۽ ھو ٽپا ڏيندڙ ديڳڙيءَ کي سندس پٺيان اچڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ويو، اھا ديڳڙي سندس پٺيان ٽپا ڏيندي ڪاٺ جون ڏاڪڻون چڙھندي سندس ھنڌ تائين آئي.

ڪيڙن سان ڀريل ديڳڙي ھنڌ جي ويجھو ھجڻ ڪري جادوگر سڄي رات سمھي نھ سگھيو ۽ صبح جو اھا ديڳڙي ھن جي پٺيان ٽپا ڏئي ڪلنگ ڪلنگ ڪلنگ جو آواز ڪندي نيرن واري ميز تائين آئي. اڃا جادوگر نيرن شروع ئي نھ ڪئي جو وري در وڳو. در وٽ ھڪ پوڙھو ھمراھ بيٺل ھو.

”صاحب ھي منھنجي گڏھ جو معاملو آھي، اھو وڃائجي ويو آھي يا ڪنھن ان کي چورايو آھي ۽ ان کانسواءِ مان سامان بازار تائين نٿو کڻي وڃي سگھان، اڄ رات منھنجا گھر ڀاتي لنگھڻ تي وھندا.“ ان سمجھائيندي چيس.

”۽ ھن وقت مان بکيو آھيان،“ جادوگر رڙ ڪري زور سان در بند ڪري ڇڏيو. ڪلنگ، ڪلنگ، ڪلنگ، ديڳڙيءَ جو ھڪڙو ٽامي وارو پير فرش تي ھلندو رھيو، پر ھاڻي ديڳڙي مان ماڻھو ۽ گڏھ جون بک کان نڪرندڙ رڙيون اچڻ لڳيون.

”ھڪ ھنڌ بيھي رھ ۽ چپ ٿي وڃ.“ جادوگر ڪاوڙ مان رڙ ڪئي، پر سندس سموري جادو واري طاقت بھ ديڳڙي کي چپ نھ ڪرائي سگھي ۽ ھن جي پٺيان ٽپا ڏيندي رھي، ھن ڪجھ بھ ڪيو ٿي ڪيڏانھن بھ ويو ٿي پر ديڳڙي ھن جي پٺيان پٺيان. انھيءَ شام جو ٽيون ڀيرو در وڳو ۽ در تي ھڪ جوان عورت بيٺل ھئي، ان اھڙي نموني سڏڪا ٿي ڀريا ڄڻ سندس دل ٽٽي پئي ھجي.
”منھنجو ٻچڙو سخت بيمار آھي، ڇا تون اسان جي مدد نھ ڪندين، تنھنجي پيءَ چيو ھو ھر ڏکي ويل ھتي ھلي اچان.“ پر جادوگر ھن ڀيري بھ ڪاوڙ مان در بند ڪري ڇڏيو. ۽ ھاڻي ان ڪيڙن واري ديڳڙيءَ ۾ لوڻ پاڻي بھ ڀرجي ويو ۽ اھا ڳوڙھا وھائڻ لڳي، سمورو فرش ان جي ڳوڙھن ۽ ڪيڙن سان ڀرجي ويو.


جيتوڻڪي ان کانپوءِ سڄو ھفتو ڳوٺاڻن مان ڪير بھ جادوگر کان مدد وٺڻ لاءِ سندس گھر نھ آيو، پر پوءِ بھ ديڳڙي ٽپا ڏيندي، رڙيون ڪندي، ۽ ڪيڙا ھارائندي کيس سندن ڏکن سورن کان آگاھ ڪندي رھي، اھا ھاڻي ٻارن جيان روئڻ بھ لڳي، ڪُتن جيان ڀوڳڻ لڳي ۽ ڦٽي ويل کير ۽ ملائي ھارڻ لڳي. ان ديڳڙيءَ جي پاسي ۾ ھوندي جادوگر نھ تھ سمھي ٿي سگھيو، نڪو وري کائي ٿي سگھيو، پر ديڳڙي سندس جان ڇڏڻ کان نباري بيھي رھي، ھو نھ ان کي چپ ڪرائي ٿي سگھيو، نڪو وري ٽپا ڏيڻ کان روڪي ٿي سگھيس. 

آخر جادوگر لاءِ ڳالھ چرچي کان ڇڙي وئي.

”پنھنجا سڀ ڏک، سور ۽ مُصيبتون مون ڏانھن کڻي اچو.“ ھن اوندھ ۾ ڀڄندي رڙ ڪئي، جڏھن تھ ڳوٺ واري رستي تي ديڳڙي بھ ھن پٺيان ڀڄڻ لڳي.

”اچو مان اوھان جو علاج ڪريان، اوھان کي راحت ۽ سڪون ڏيان! مون وٽ منھنجي پيءَ جي ديڳڙي آھي، مان اوھان کي ٺيڪ ڪندس.“ ھو رستي تي ڀڄندو رھيو، اڃا بھ گند سان ڀريل ديڳڙي سندس پٺيان، ھو ھر پاسي منتر ۽ ٽوڻا ھڻڻ لڳو.
ھڪ گھر ۾ ستل ننڍڙي ٻارڙي جي جسم جا ڪيڙا غائب ٿي ويا، گم ٿي ويل گڏھ ھڪ ڏورانھين کڏ مان لڀي پيو ۽ ھاڻي اھو پنھنجي جاءِ تي ھو. بيمار ٻار چاڪ چڱو ٿي اٿيو. پنھنجي قابليت موجب جادوگر ھر گھر جا ڏک سور ڏور ڪيا ۽ ھوريان ھوريان ديڳڙي روئڻ پٽڻ بند ڪري سندس پاسي کان بيھي رھي ۽ صاف سٿري ٿيڻ لڳي.

”اي ديڳڙي ھاڻي تھ صحيح آھي نھ؟“ سج نڪرڻ مھل ان ٿڪيل جادوگر پڇيس.

 ديڳڙي مان جوتيءَ جو اھو ساڳيو ھڪڙو پادر نڪتو جيڪو ان جي ھيٺان ٽامي واري پير جي ماپ جو ھو ۽ ديڳڙي جو آواز بند ٿيو. ھاڻي اھي ٻئي جادوگر جي گھر ڏانھن موٽڻ لڳا، پر ان ڏينھن کانپوءِ جادوگر پيءَ جيان ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ لڳو. نيٺ ديڳڙي پادر لاھي اڇلائيو ۽ وري  خوشي مان ٽپا ڏيڻ لڳي.


 آکاڻي جادوگر ۽ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي تي ايلبس ڊمبلڊور جو تبصرو:    

ھڪ نرم دل پوڙھو جادوگر سندس بي رحم پٽ کي عام ڳوٺاڻن (مگلس) جي تڪليفن مان سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪري ٿو. نوجوان جادوگر جو ضمير جاڳي پئي ٿو ۽ ھو سندس عام پاڙيسرين جي ڀلائي لاءِ سندس جادو کي استعمال ڪرڻ جي حامي ڀري ٿو.  ڪو ھن کي ھڪ سادي ۽ دل لڀائيندڙ آکاڻي سمجھي سگھي ٿو جيڪا ڪنھن ماڻھو جي معصوميت ۽ بيوقفي ظاھر ڪري ٿي. عام ماڻھن (مگلس) جي حمايت ڪندڙ ھڪ آکاڻي، جنھن ۾ ھڪ عام ماڻھن (مگلس) سان پيار ڪندڙ پيءَ کي عام ماڻھن (مگلس) سان نفرت ڪندڙ پٽ کان مٿاھون ڏيکاريو ويو آھي. اھا حيرت کان گھٽ ڳالھ نھ آھي تھ ھن آکاڻي جون ڪي اصلوڪيون ڪاپيون ڪيتريون باھون لڳڻ کانپوءِ بھ بچي ويون. عام ماڻھن (مگلس) سان پيار ۽ ڀائچاري جي تبليغ ڪندي ٻيجل  دور کان ھڪ وک اڳيان جو ٿو سوچي. پنڌرھين صديءَ جي شروعات دوران سموري يورپ ۾ جادوگرن ۽ جادوگرياڻين کي قتل ڪرڻ ۾ تيزي اچي وئي ھئي.

گھڻن جادوگرن جو اھو خيال ھو ۽ ڪنھن حد تائين صحيح بھ تھ ڪنھن عام پاڙيسري (مگل) جي بيمار مرون کي جادو ٽوڻي ۽ منتر وسيلي ٺيڪ ڪرڻ معنيٰ پنھنجن ئي ھٿن سان پنھنجي چتا جو سامان گڏ ڪرڻ برابر آھي. (1)

جيئن جيئن جادوگر سندن (مگل) ڀائرن کان پري ٿيڻ لڳا تھ: 

”عام ماڻھن (مگلس) کي ڇڏيو تھ پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪن.“ جون سدائون لڳڻ شروع ٿيون.

 نيٺ ڳالھ اتي وڃي پھتي جو 1689 ۾ انسٽيٽيوٽ آف دي انٽرنيشنل اسٽيچوئٽ آف وزرڊنگ سيڪريسي جوڙي جادوگر رضا خوشي سان لڪ ۾ ھليا ويا. پوءِ بھ ٻار تھ ٻار ھوندا آھن ھي مسخري ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي سندن تصوراتي دنيا تي حاوي رھي. ان جو حل اھو ھو تھ ڪيڙن سان ڀريل ديڳڙي کي ڀلي رکجي پر عام ماڻھن (مگلس) جي حمايت ۽ پيار وارو سبق آکاڻي مان ڪڍي ٻاھر اڇلاجي، ان ڪري سورنھين صديءَ جي وچ واري حصي دوران جادوگرن جي گھرن ۾ ھن آکاڻي جا مختلف نمونا مشھور ھئا.

آکاڻي جي نظرثاني ڪيل نمونن ۾ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي ھڪ معصوم جادوگر جي جان سندس وحشي  ۽ جنوني ڳوٺاڻن کان جيڪي بيلچا ۽ ڏاٽا ھٿ ۾ ڪري ھن کي مارڻ لاءِ اچن ٿا، کان بچائي ٿي، کين جادوگر جي ڪوٺي کان پري ڀڄائي ۽ پڪڙي ڳھڻ لڳي ٿي. آکاڻيءَ جي پُڄاڻي تي جڏھن ديڳڙي ھن جي لڳ ڀڳ سڀني پاڙي وارن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي، ان وقت جادوگر باقي بچيل ماڻھن کان اھو واعدو ٿو وٺي تھ اھي کيس سڪون سان رھڻ ۽ جادو ڪرڻ ڏيندا. جنھن کانپوءِ ھو ديڳڙي کي ڳھي ويل ڳوٺاڻا  موٽائڻ جو حڪم ڏئي ٿو.

اڄ بھ ڪجھ جادوگر ٻارن کي سندن (عام ماڻھن مگلس سان نفرت ڪندڙ) والدين اھو نظر ثاني ڪيل نمونو ٻڌائيندا آھن ۽ جيڪڏھن اھي ڪٿي ھن آکاڻي جو اصل نمونو ٻڌندا آھن تھ حيرت ۾ ٻڏي ويندا آھن. 

جيئن مان اڳئي اشارو ڪري آيو آھيان تھ جادوگر ۽ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي جو عام ماڻھن (مگلس) جي حمايت وارو جزو ئي ڪاوڙ جو اڪيلو ڪارڻ نھ ھو، جيئن ئي جادوگرن کي مارڻ ۾ تيزي آئي تھ جادوگر پاڻ کي منترن جي مدد سان لڪائي ٻٽيون زندگيون گذارڻ لڳا جيئن پاڻ کي ۽ پنھنجي خاندان کي بچائي سگھن. سترھين صديءَ تائين ھر ان جادوگر کي جنھن عام ماڻھن (مگلس) سان دوستي ٿي رکي يا لھ وچڙ ۾ ٿي آيو، کي ٻيا جادوگر ئي شڪ جي نظرن سان ڏسندا ھئا ۽ اھي پنھنجن ۾ ئي ويڳاڻا ٿيندا ويا. اھڙن جادوگرن تي ٻين ڪيترين گٿن لقبن ۽ گارين سان گڏ اھو بھ چيو ويندو ھو تھ ھنن وٽ ڪمزور يا ڪريل درجي جو جادو آھي.

ان دور جا بااثر جادوگر جھڙوڪر: بروٽس مالفاءَ، جيڪو وارلاڪ ايٽ وار جو ايڊٽر ھو،  جادوگرن ۾ اھو تعصب عام ڪرڻ لڳو تھ جنھن جادوگر وٽ عام ماڻھن (مگلس) لاءِ ھمدردي ۽ پيار آھي، اھو جادوگر  (اسڪب) آھي. (2)
1675 ۾ بروٽس لکيو:

”اسان اھو يقين سان چئي سگھون ٿا تھ ڪو بھ جادوگر جيڪو عام ماڻھن (مگلس) سماج سان ھمدردي رکي ٿو، اھو بيوقوف آھي ان وٽ اھڙو ڪمزور ۽ حقير قسم جو جادو آھي جو ھو رڳو پاڻ کي عام ماڻھن (مگلس) جي وچ ۾ رھي اعليٰ ٿو سمجھي. ڪمزور جادو جي ان کان وڏي ٻي ڪا بھ نشاني نٿي ٿي سگھي.

پر ھوريان ھوريان اھو تعصب ختم ٿيو، ڇو جو دنيا جا ڪجھ اعليٰ پائي جي جادوگرن لاءِ (3) عام ماڻھن (مگلس) سان پيار ڪندڙ جھڙيون اصلاحون استعمال ٿيڻ لڳيون.

جادوگر ۽ ٽپا ڏيندڙ ديڳري تي آخري اعتراض اڃا بھ ڪجھ حلقن ۾ جيئرو آھي. اھو بيٽرڪس بلوزم (1794_1910)، جيڪا مشھور ڪتاب ”ٽوڊ اسٽول جون آکاڻيون“  جي  ليکڪا ھئي،پاران ھو، مسز بلوزم جو مڃڻ ھو تھ شاعر ٻيجل جون آکاڻيون، سندن موضوعن جھڙوڪر: موت، بيماري، رتوڇاڻ، ڪارو جادو، ڀوائتا ڪردار وغيرھ جي ناچاڪائي ڪري ٻارن کي نقصان ڏئي رھيون آھن. مسز بلوزم ٻيجل جي ڪيترين آکاڻين سوڌو ڪيتريون ئي اڳاٽي زماني جون آکاڻيون گڏ ڪري انھن کي پنھنجي سٺن آدرشن موجب وري لکيو. ان جو اظھار ھن ھن نمومي ڪيو:

” پنھنجي ننڍڙن فرشتن جي پاڪ ذھن کي خوشگوار ۽ صحتمند سوچن سان ڀري رھي آھيان، ڀوائتي خوابن کي سدن خوبصورت ننڊ کان پري ڪري رھي آھيان ۽ قيمتي گلن جي معصوميت بچائي رھي آھيان.“

مسز بلوزم جي ھٿن مان ڇڻي صاف ٿي نڪتل آکاڻي ”جادوگر ۽ ٽپا ڏيندڙ ديڳڙي“ جو آخري حصو ڪجھ ھن ريت آھي:
”ان کانپوءِ ننڍڙي سونھري ديڳڙي خوشيءَ مان  سندس ننڍڙين آڱرين تي نچڻ لڳي ھوپٽي ھوپٽي ھوپ!  وي وليڪنس سڀني غريب ٽم تمن کي شفا ڏئي ڇڏي ۽ اھا ننڍڙي ديڳڙي ايتري خوش ھئي جو وي وليڪنس ۽ ڳوٺاڻن لاءِ مٺائي سان ڀرجي وئي.
”پر پنھنجا ڏند مانجڻ نھ وسارجو!“ ديڳڙيءَ رڙ ڪئي. ۽ پوءِ وي وليڪنس ديڳڙي کي چمي ڏئي ڀاڪر پائي واعدو ڪيو تھ ھو سدائين عام ڳوٺاڻن جي مدد ڪندو ۽ وري ڪڏھن بھ پٿر دل نھ ٿيندو.“

مسز بلوزم جي آکاڻي کي ڪيترن ئي نسلن جي ٻارن سختي سان رد ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ضبط ڪرڻ جي بھ گھر ڪئي.

حاشا:

1_ اھو سچ آھي تھ حقيقي جادوگرن ۽ جادوگرياڻين لاءِ ان کان بچڻ ڏکيو ھو (ان لاءِ بيبٽي ريبٽي ۽ سندس ڳالھائندڙ ٿڙ واري تبصري ۾ لسٽي ڊي لاپن واري راءِ ڏسو. ان دوران وڏي انگ ۾ موت جا واقعا سامھون آيا، سر نيڪولس ڊي ممسي پروپنگٽن (جيڪو سموري زندگي شاھي درٻار جو جادوگر رھيو ۽ مرڻ کانپوءِ گرفنڊور واري بُرج جو ڀوت ٿي پيو) کي تھخاني ۾ قيد ڪرڻ کان اڳ سندس جادو واري ڏنڊي (وانڊ) ڦري وئي ۽ موت کان بچڻ لاءِ ھو جادو جو استعمال نھ ڪري سگھيو؛ ۽ جادو ڪندڙ گھراڻن کي سندن جوان اولاد جيڪي سندن جادو واري صلاحيتن کي قابو ۾ نٿي رکي سگھيا ۽ پڪڙجي ٿي پيا، جي قتل ٿيڻ تي پڇتاءُ ھو.   

2_ اسڪب اھڙو لاچر جادوگر ھوندو آھي، جنھن جا ماءُ پيءَ جادوگر ھوندا آھن، پر ھن وٽ جادو واري طاقت نھ ھوندي آھي. جنھن جو ٿيڻ ناممڪن آھي، عام ماڻھن (مگلس) جي اولاد مان ٿيل جادوگرن کي عام طور اسڪب ليکبو آھي. (جي ڪي آر)

3_ جھڙوڪي مان پاڻ

    


Comments

Popular posts from this blog

Few Tales of Watayo Faqeer

Marjan Arbab: Pakistan's Most Popular Female Blogger

I Hate To Die Virgin…. (Speculative Fiction)