بس اسٽاپ


ڪھاڻي 
ڪليم ٻُٽ

اڄ نيلو فرمائش ڪئي تھ کيس شاپنگ تي وٺي ھلان، ڪڏھن ڪڏھن مونکي نيلو جون فرمائشون زھر مثل لڳنديون آھن، خاص ڪري تڏھن جڏھن ڪجھ لکڻ لاءِ ويھندو آھيان. ان مھل ھن جي ڪا بھ فرمائش ٻڌيندي ئي تپ چڙھي ويندو آھي. اڄ بھ ائين ئي ٿيو اڃا لکڻ لاءِ ويٺس ئي مس جو شپانگ تي ھلڻ جو چيائين. انڪار ڪيم تھ اھڙيون خونخار نظرون ڏيکاريائين جو ھٿ ۾ جھليل قلم پاڻمرادو ھيٺ ڪري پيو ۽ نيلو سان گڏ نڪري آيس.

”ھوءَ ڪير آھي؟“

”ڪير؟“

”اھا ئي برقعي واري...“

”مونکي ڪھڙي خبر تھ ڪير آھي؟“

”تھ پوءِ توکي ڏسي مرڪي ڇو پئي؟“

”۽ توکي ڪيئن خبر پئي تھ ھوءَ مرڪي پئي!!“

”سندس اکين مان صاف ظاھر آھي.“

”انڪري ئي تھ مان توکي پاڻ سان گڏ نھ وٺي نڪرندو آھيان.“

وٺي بھ ڪيئن ھلندين تنھنجا راز جو فاش ٿي پوندا.“

”ڪھڙا راز؟“

”ھاڻي منھنجو وات نھ کولرائي...!!“

”تنھنجو وات بند ئي چڱو آھي...“

”ايڏو ئي مون مان بيزار آھين تھ شادي ڇو ڪيئي؟“

”ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو پنھنجين غلطين مان ئي سکندو آھي.“

”ڪجھ وقت کان مونکي لڳي پيو تھ تنھنجي دل ھاڻي مون مان ڀرجي چڪي آھي.“

”ڏس نيلو ھي بس اسٽاپ آھي ھتي تھ ڪجھ خيال ڪر، باقي فليٽن مان تھ جيڪو بھ ملندو آھي حسرت مان مونکي ڏسي چوندو آھي: صاحب ڪالھ بھ اوھان جي خاتونِ اول جون رڙيون ٻڌي ننڊ ڦٽي وئي.“

”شل ڪا سڻائي ٿيندئي!!“

”تيز تون ڳالھائين...رڙيون تون ڪرين ۽ سڻائي وري منھنجي ٿئي!!“

”ھا، ھا مان ئي ڄٽ ۽ جاھل آھيان، عقل جو عقابر تھ ھڪڙو تون ئي آھين؟“

”نھ، نھ جي ٿورو بھ عقل ھجي ھا تھ توسان شادي ٿورئي ڪريان ھا....“

”ھو ڏس اڃا بھ توکي ڏسي مرڪي پئي....“

”جي اجازت ڏيئن تھ مان بھ کڻي ڏسي وٺانس....“

”ھا ھون تھ ھر ڳالھ مونکان پڇي ڪندو آھين؟“

”ڪھڙي ڳالھ تنھنجي رضا بنا ڪئي اٿم...؟“

”ڳالھ نھ مٽائي.“

”ڪھڙي ڳالھ..!!“

”ايترو بھ ٻار نھ آھين...!!“

”نيلو تون منھنجي سمجھ کان ٻاھر آھين..“

”سچ سچ ٻڌاءِ نھ تھ وجھائن ٿي ڄوڊن ۾ ھٿ.“

”اھو ظلم نھ ڪجان اوڙي پاڙي ۾ تھ عزت نھ رھي آھي، سموري شھر ۾ بھ ان جو فالودو نڪري ويندو.“

”منھنجي صبر جو امتحان نھ وٺ.“

”اھو ھن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو چرچو آھي...!!“

”ڪھڙو؟“

”تھ تون صبر بھ ڪندي آھين...“

”آخر توکي مون مان ڪھڙي پريشاني آھي؟“

”ڪا ھڪ....!!“

”مان چوائين ٿي ھاڻي سڌي طرح ٻڌائي...“

”جي نھ ٻڌايان تھ....“

”مان بابا وارن ڏانھن ھلي وينديس...“

”سچي گھڻن ڏينھن لاءِ....!!“

”اچي وئي نھ اندر جو چور ٻاھر..“

”اھو چور وري ڪٿان آيو؟“

”منھنجي وڃڻ جي ڳالھ ٻڌي منھن جو رنگ ئي مٽجي ويئي...“

”نيلو ھاڻي مان ڇا چوان توکي...؟“

”ٻڌاءِ منھنجي پٺيان گھر ۾ ڪھڙيون رنگ رليون ڪندو آھين؟“

”نيلو ھاڻي تون بيزار پئي ڪرئين.“

”مون مان ايڏو بيزار آھين تھ ڇڏي ڏي!!“

”ڪڏو ڪو ڇڏي ڏيان ھا پر....“

”پر ڇا؟“

”جيڪڏھن تنھنجو پيءَ تعليم کاتي ۾ ڊارئڪٽر نھ ھجي ھا، يا وري مان ماستر نھ ھجان ھا....“

”اھا ماستري بھ تھ بابا وٺرائي ڏني اٿئي...!“

”جيڪڏھن خبر ھجي ھا تھ نوڪري سان گڏ اھڙي آفت بھ ڳيچي ۾ وجھندو تھ ڀڄي جان ڇڏايان ھا.“

”مان آفت آھيان؟“

”اڃا آفت کي ڪي سڱ ٿيندا آھن ڇا؟“

”مان چوان ٿي ھتان ئي گھر موٽ.“

”بس اچڻ واري آھي.“

”کڏ ۾ پئي بس.“

”جي کڏ ۾ وئي تھ سب مسافر مري ويندا...“

”اھي تنھنجا چاچا ماما آھين ڇا؟“

”اجھو بس اچڻ واري آھي.“

”منھنجو موڊ خراب ٿي چڪو آھي.“

”نيلو قسم سان تو کانسواءِ منھنجي زندگي ۾ ٻي ڪا بھ عورت نھ آھي.“

”تھ پوءِ ھوءَ برقعي واري ڪير آھي ۽ ڏس توکي ڏسندي پاڻ ڏانھن ئي پئي اچي.“

”ڀانيا ٿو منھنجي بيگناھي جو ثبوت ڏيڻ پئي اچي....“

”تون ۽ بيگناھ اھو مان ستن جنمن تائين نھ مڃا.“

”خدا خير ڪري ھيءَ تھ سچ پاڻ ڏانھن پئي اچي... جل تون جلال تون آئي بلا ٽال تون....“

”ھاڻي خبر پوندي تون ٻاھر ڪھڙا ڪارناما ڪندو ٿو وتين؟“

”اللھ جي نالي تي پنج ڏھ رپيا ڏيو... اللھ جوڙي سلامت رکندو....“

”مائي خدا سر وڃائي... ھتي تنھنجي ڪري ڳالھ طلاق تائين وڃي پھتي ھئي...“ مون عورت کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ھوءَ ھلي 
وئي.

”نيلو ھل ھاڻي تون گھر ھل...!“

”اي اللھ، ھاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي، غلطي ٿي وئي مس تھ شاپنگ لاءِ نڪتا آھيون ۽ ھو ڏس بس بھ اچي وئي، جلدي چڙھ موٽي اچي برياني ٿي پچايان....“


Comments

Popular posts from this blog

The Un-caged Virgin of Africa: Free Verses

Secularism, Reasoning, Rationalism And Modern Nationalism Four Pillars of Joyo's Ideology: Jami Chandio

Marjan Arbab: Pakistan's Most Popular Female Blogger